عبدالحميد خان، ترين

عبدالحميد خان، ترين

عبدالحميد خان ترين

عبدالحميد خان، ترين: سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سردار بهادر عبدالحميد خان ولد خانبهادر خدا اد خان جو تعلق سکر سان آهي. سندس وڏا پشنگ افغانستان کان لڏي سنڌ ۾ اچي رهيا. هي افغان قبيلي جي ترين شاخ مان آهي. هيءُ خان بهادر خداداد خان جو ننڍو فرزند هو. هن ابتدائي تعليم سکر پراڻي واري تاريخي ’هشت گنبد‘ واري اسڪول مان ۽ ثانوي تعليم مشن اسڪول ڪراچيءَ مان ورتي، جتان ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي 1903ع ۾ انگلنڊ هليو ويو، جتي سينٽ هال اسڪول ۾ داخلا ورتائين. اسڪولي تعليم مڪمل ڪري ڊائوٽنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. اتان قانون جي تعليم اڌوري ڇڏي 1912ع ۾ سکر واپس هليو آيو. هيءُ لنڊن جي رائل سوسائٽي آف آرٽ، رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، جاگرافيڪل سوسائٽي، اسلامڪ سوسائٽي، مڊل ٽيمپل جو ميمبر، سکر ميونسپالٽيءَ جو ميمبر، 1906ع کان وٺي مسلم ليگ لنڊن جو ڪارڪن به رهيو. جتي کيس رائيٽ آنريبل امير علي، هز هائينس آغا خان، نواب سليم الله، ڊاڪٽر انصاري، ڊاڪٽر اقبال ۽ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جهڙين اعليٰ شخصيتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل رهيو. جڏهن ته ڪجهه وقت لاءِ دادا ڀائي نوروزجيءَ جي پارليامينٽ جو ميمبر ۽ اعزازي سيڪريٽري رهيو. وائيس پريزيڊنٽ هئڻ ۽ هيلٿ ڪاميٽي ۾ رهڻ دوران غريبن جي لاءِ ٽي اسپتالون کولرايون جن مان هڪ اسپتال 1921ع ۾ غريب آباد ڪوارٽر ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ميونسپل سندس نالي سان کولي، جڏهن ته ٻي اسپتال پراڻي سکر ۾ ڪليڪٽر مسٽر رائفيلڊ جي نالي سان قائم ڪيائين. هيءُ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ، سکر تعلقي لوڪل بورڊ جو ڪيترائي سال پريزيڊنٽ، اعزازي مئجسٽريٽ جي بئنچ جو ٻارنهن سال چيئرمئن رهيو. 1924ع ۾ مرڪزي اسيمبلي دهليءَ جو ميمبر، سکر جي ريڊ ڪراس سوسائٽي ۽ بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جو باني، ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو معاون ۽ 1936ع ۾ قائم ڪيل پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ سکر جو پهريون چيئرمئن ۽ ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو. هيءُ ڪيترو ئي عرصو هل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سنڌ مدرسي بورڊ جو ميمبر رهيو. هن مسجد منزل گاهه جي معاملي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سکر شهر جا هندو ۽ مسلمان سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. سماجي ڪمن جي ڪري علائقي جا ماڻهو سندس مداح هوندا هئا. سندس فياضي ۽ مهمان نوازي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي. هيءُ ڪيترن ئي غريبن مسڪينن جي مالي مدد ڪندو هو. سياست کان علحدگي کانپوءِ هن پنهنجي باقي زندگي ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ گذاري. خان ترين'>عبدالحميد خان ترين، 11 ڊسمبر 1960ع تي سکر جي ‘خداداد هائوس’ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو